??سل??م آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ جبوتي واپار، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪ?? ڪرڻ جي عزم کي ورجايو آهي. ان عزم جو ورجاءُ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان جبوتي پارليامينٽ جي صدر ۽ آفريقي يونين پارليامينٽ جي ??قتي چيئرمين محمد علي حميد جي ??يادت ۾ وفد جي ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو. ايوان صدر پاران جاري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جبوتي ۾ پن??نج?? سفارتخانو کولڻ ۽ ٻين آفريقي ملڪن ۾ سفارتي مشنز قائ?? ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جبوتي بندرگاهه تي پاڪستاني سامان جي جلد ڪليئرنس جي ??اءِ جبوتي حڪومت جو تعاون گهربل آهي.