اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته نئون پاڪستان حقيقت ۾ نئين سوچ جو نالو آه??، تعميراتي شعبي ۾ واڌ سان ملڪي معيشت کي ڪورونا جهڙي وبا ۾ به بچيل رهي، ان شعبي جي ڪري معيشت ۾ بهتري روزگار ۾ اضافو ۽ دولت جي وڌا ٿي، جنهن سان ملڪ تي چڙهيل قرض واپس ڪرڻ ۾ مدد ملندي، اهڙن خيالن جو اظهار ه?? پورهيت طبقي ۾ گهر ۽ فليٽ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو ذُلفي بخاري ۽ ورڪر ويلفيئر فنڊ جي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو ته 25 سال پراڻي منصوبي کي حقيقت ۾ تبديل ڪيو اها وڏي ڪاميابي آه??. 25 سالن ??ان ڪنهن ان کي پنهنجي ترجيحي بڻائڻ جو نه سوچيو اهي ماڻهو اها سوچ به سوچي به نٿا سگهن ته انهن جا پنهنجا گهر ه??ندا ڇاڪاڻ جو اهو ڪڏهن به ڪنهن حڪومت جي ترجيح نه هئي، وزيراعظم چيو ته نئون پاڪستان حقيقت ۾ نئين سوچ جو نالو آه??، نئين پاڪستان جو مقصد ئي ڪمزور طبقي کي مٿي آڻڻ آه??. اها اسان سڀني جي ذميداري آه??، هن چيو ته حڪومت جي سوچ اها ثابت ڪري ٿي ته اهو ڪنهن تي احسان نه آه??، اهو پورهيتن جو حق آه?? اهي گهر پهرين مسواڙ تي ملندا هئا هاڻي اها ئي مسواڙ قسطن ۾ ويندي ۽ اهي گهر انهن جي ملڪيت هوندا. وزيراعظم چيو ته پنهنجو گهر سڀ ??ان وڏي نعمت سمجهي ويندي آه??، ڳوٺاڻن علائقن ۾ ايراضي گهٽ قيمت تي دستاب هجڻ جي ڪري اتي گهر ٺاهڻ آسان هوندو آه??، جيتوڻيڪ شهرن ۾ مزدور طبقو پگهاردار، سرڪار ملازم ۽ پوليس ملازمن جي لاءِ پنهنجو گهر بڻائڻ زمين مهانگي هجڻ جي ڪري ناممڪن هوندو آه??، هن چيوته اسان بئنڪن ??ان مارڪ اپ جو نئون قانون کڻ?? آيا آه??ون جنهن سان بئنڪ پهرين ڀيرو ان طبقي کي گهر ڏئي سگهندي، ان قانون کي ٺاهڻ ۽ عدالت ??ان اجازت وٺڻ ۾ ٻه سال لڳا، دير جو سبب اهو ئي هو.