اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) سفارتڪارن، تجزيه نگارن ۽ مذهبي اڳواڻن چيو آهي ته پرڏيهي پاليسي جي جوڙجڪ ۽ ان تي عملدرآمد حڪومت جو ڪم آهي ۽ عوام جو ڪو گروهه حڪومت تي پنهنجي راءِ مڙهي ان کي ڊڪٽيٽ نه ٿو ڪري سگهي، عالم سڳورن، سياستدانن، دانشورن ۽ انساني حقن جي سرگرم ڪارڪنن سميت زندگي جي ??ختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڪارڪنن جي ??رتشدد مظاهرن جي ڀرپور مذمت ڪندي چيو ته اهڙي ڪنهن گروهه کي معاشري ۾ مذهبي نفرت پکيڙڻ ۽ پرتشدد ڪاررواين جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. انهن حڪومت تي زور ڏنو ته رياس?? جي عملداري کي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ شرپسندن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. واضح رهي ته حڪومت انتهاپسندي، عدم برداشت ۽ تشدد جي رويي جي حوصلا شڪني جي ??اءِ دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت تحريڪ لبيڪ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ ان ڏس ۾ باقاعده نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، اهو قدم تحريڪ لبي?? جي سربراهه علامه سعد رضوي جي حراست کانپوءِ ان جي ڪارڪنن جي ??رتشدد مظاهرن جي جواب ۾ کنيو ويو. تحريڪ لبي?? جي ڪارڪنن رستن ۽ وڏين شاهراهن کي بند ڪيو، سرڪاري ۽ نجي ??لڪيتن کي نقصان پهچايو، پوليس اهلڪارن تي حملا ڪيا جنهن جي ??تيجي ۾ قيمتي جانين جو زيان ۽ سوين ماڻهو زخمي ٿيا. اڳوڻي سفير آصف دراني ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي چيو ته پرڏيهي پاليسي جي جوڙجڪ ۽ ان تي عملدرآمد حڪوم?? جي ذميواري آهي، ڪو سياسي يا مذهبي گروپ ڪنهن معاملي ۾ حڪومت کي پنهنجي راءِ ته ڏئي سگهي ٿو پر هو ان کي ڊڪٽيٽ نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته تحريڪ لبيڪ جو فرانسيسي سفير کي پنهنجي ??لڪ واپس موڪلڻ جو مطالبو سفارتي ۽ سياسي لحاظ کان مناسب نه آهي. اڳوڻي سفير چيو ته اهڙي ڪنهن گروهه کي پرڏيهي پاليسي جي ??عاملن ۾ معاشري ۾ مذهبي نفرت پکيڙڻ ۽ تشدد جو رستو اختيار ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. اڳوڻي سفير اياز وزير چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به اهڙي قسم جا گروپ عالمي ايشوز تي حڪومت کي ڊڪٽيٽ نه ٿا ڪن. عالمي معاملا سرانجام ڏيڻ حڪومت جو ڪم هوندو آهي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي چيو ته اهڙا مظاهرا جن ۾ رستا، شاهراهون بلاڪ ڪيون وڃن، ايمبولينسز جو رستو روڪيو وڃي، تشدد ٿئي ۽ عوام کي نقصان پهايو وڃي، اسلامي تعليم جي ??روغ جي ابتڙ آهي. هن چيو ته سرڪاري فيصلا ماڻهن جي ڪنهن گروپ کي نه پر لاڳاپيلن (ماهر عملدارن) کي ڪرڻ گهرجن جيڪي عالمي معاملن ۽ بطرفن لاڳاپن جو ادراڪ رکن ٿا. تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي بابت حڪومتي فيصلي جي آجيان ڪندي عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي صوبائي صدر ايمل ولي خان ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي چيو ته مخالف ڌر ۾ هجڻ جي باوجود اي اين پي ملڪ جي ??ظرياتي سياسي پارٽي جي حيثيت سان سمورن شدت پسند گروهن جي خلاف ڪارروائي ۽ انهن تي پابندي لڳائي قومي ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد جي ??اءِ حڪوم?? جي حمايت ڪري ٿي. هن وڌيڪ چيو ته پريشر گروپن پاران عوام جي جذبن سان کي کيڏي ملڪ کي بدنام ڪرڻ ۽ سياسي مقصدن جي ??اءِ مذهب جو استعمال نه ڪرڻ گهرجي. سائوٿ ايشين فري ميڊيا ايسوسيئيشن (سيفما) جي سيڪريٽري جنرل امتياز عالم چيو ته منهنجو ناهي خيال آهي ته مذهب تشدد، نفرت ۽ شرانگيزي جي اجازت ڏي ٿو ۽ جيڪي ماڻهو رسول الله صه جي ??قصد کي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، انهن کي حقيقت ۾ پاڻ صه جي تعليم تي عمل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته رڳو گروپ تي پابندي لڳائڻ ڪافي نه آهي، سياسي مقصدن جي ??اءِ مذهب جي استعمال کي به روڪڻ گهرجي. سوشل ميڊيا تي به عوام جي اڪثريت رستن تي تحريڪ لبيڪ جي ??ظاهرين جي ??رتشدد ڪاررواين کي تنقيد جو نشانو بڻايو. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پنهنجي ??وئيٽر اڪائونٽ تي چيو ته ننڍي کنڊ ۾ اسلام درگاهن، اوليائن جي تبليغ، بزرگان دين جي ??حبت، اخلاص ۽ انساني?? جي درس جي ??ضبوط بنيادن تي قائم ٿيو. هن چيو ته تحريڪ لبيڪ جهڙو شدت پسند گروهه اسلام جي ان سڃاڻپ کي بدلائڻ چاهي ٿو ۽ تشدد ۽ انتهاپسندي کي هوا ڏيڻ چاهي ٿو. وفاقي وزير چيو ته اهڙين ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ هر مسلمان جو فرض آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت کي بليڪ ميل نه ٿو ڪري سگهجي جڏهن ته پوليس اهلڪارن جي خلاف تشدد ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي. ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي ??ذهبي هم آهنگي ۽ وچ اوڀر واري خاص نمائندي حافظ محمد طاهر محمود اشرفي چيو ته جمهوري معاشرن ۾ پرامن مظاهرا عوام جو بنيادي حق هوندو آهي. هن چيو ته ڪا به رياست پنهنجي ??اڻهن جي ??تل، انهن جي ??لڪيتن کي ساڙڻ ۽ انهن کي يرغمال بڻائڻ جي عمل کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي، اهو نه رڳو افسوسناڪ پر مذمت جوڳو به آهي. تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي بابت هن چيو ته مو??ود?? حالتن جي ڏس ۾ حڪومت ملڪ ۽ قوم جي بهترين مفاد ۾ پارٽي تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو.