اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪير به قانون ۽ آئين ک??ن مٿانهون نه آهي، ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاران رياست جي رٽ چئلينج ڪئي وئي ۽ تشدد جو رستو اختيار ڪيو ويو ته دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت ڪارروائي ڪئي وئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مون کي پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پ??ڪستانين کي واضح ڪرڻو آهي ته اسان جي حڪومت رڳو تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت ان وقت ڪارروائي ڪئي جڏ??ن انهن رياست جي عملداري کي چئلينج ڪيو ۽ تشدد جو رستو اختيار ڪندي عو??م ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملا ڪيا.