اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته صحت ڪارڊ سميت پي ٽي آءِ جي هر منص??بي جي آغاز تي (ن) ليگي ترجمانن جي دعوائن کي ڏسي ا??و ممڪن آهي ته اهي سڀاڻي ا?? طرح جي دعويٰ به شروع ڪندا ته بلب جي ا??جاد به ٿامس ايڊيسن نه پر نواز شريف جاتي عمرا ۾ ڏيئي جي روشني ۾ ويهي ڪئي هئي جنهن جي ڪري سندس پليٽيليٽس به گهٽجي ويا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته سينيما ۾ پهريون پروجيڪٽيڊ فلم جو سهرو به شهباز شريف جي سر آهي، جنهن ”چيلهه ۾ تڪليف“ جي باوجود اهو تاريخي ڪارنامو ڪري ڏيکاريو. شريف ڀائرن جنهن ???شرافت“ سان ملڪي خزاني ??ي هٿ صاف ڪيا، ادارن کي درٻاري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پارليامينٽ کي مغلي?? رنگ ڏنو، انهن سان اهو ئي ڪجهه منسوب ٿي سگهي ٿو