اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته چونڊن ۾ شفافيت لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي، اسان جي سياست عمران خان سان ڳنڍيل آهي، پي ٽي آءِ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته شيهي جي ديوار ثابت ٿينداسين، حڪومت با?? ايسوسيئيشنز جي ڀلائي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ پرعزم آهي، با?? ايسوسيئيشن جي سياست آزاداڻي هجڻ گهرجي، حڪومت جي ان ۾ ڪا به مداخلت نه آهي، انصاف لائيزر فورم جي مسئلن کان آگاهه آهيون، ان جي حل لاءِ ڀرپ??ر ڪوششون ڪيون وينديون، اهڙن خ??ال?? جو اظهار هن انصاف لائيرز فورم راولپنڊي اسلام آباد جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو خاص مددگار شهباز گل ۽ ايڊوڪيٽ جنرل نياز الله نيازي به موجود هئا. وفاقي وزير چي?? ته چونڊن ۾ شفافيت لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي، راولپنڊي ملتان ۽ پنجاب با?? ڪائونسل پنهنجون چونڊو?? اي وي ايم تي ڪرائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي، ٻيون با?? ايسوسئيشنُون به ٽيڪنالاجي جي استعمال مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿيون. هن چي?? ته اسان جي سياست عمران خان سان ڳنڍيل آهي، پي ٽي آءِ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته شيهي جي ديوار ثابت ٿينداسين، هن چي?? ته نوجوان وڪيلن کي قرضن جي فراهمي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ سان ڳالهه ڪئي آهي، ڪامياب نوجوان پروگرام تحت نوجوان وڪيلن کي 10 لک روپين تائين قرض فراهم ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي، هن چي?? ته وزيراعظم جي نئين پاڪستان هائوسنگ اسڪيم ۾ به وڪيلن کي شامل ڪرڻ تي غ??ر ڪيو پيو وڃي.