اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان ڪميٽ?? ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس (سي پي جي) جي سربراهه سٽيون بٽلر سومر ڏينهن رابطو ڪري افغانستان مان عالمي صحافين کي نڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ آزاد صحافت، صحافين ۽ مي??يا سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي تحفظ جو حامي آهي. ه?? چيو ته پاڪستان صحافين جي حقن جي حوالي سان پنهنجي عالمي ذميدارين کان چڱي ريت آگاهه آهي. افغانستان ۾ عالمي مي??يا جي ميمبرن کي نڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ خصوصي سيل قائم ڪيو آهي. سٽيون بٽلر چيو ته پاڪستان مشڪل وقت ۾ عالمي صحافين جي نڪرڻ ۾ ذميداراڻو ڪردارا دا ڪيو جيڪو واکاڻ جوڳو آهي.