اسلام آ??اد – 17 آگسٽ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان طالبان پاران ان خاطري جو خواهشمند آهي ته افغان سرزمين ان جي خلاف استعمال نه ٿيندي جيئن طالبان چين ۽ آمريڪا کي به خاطري ڪرائي آهي ته افغانستان جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيندي، افغانستان ۾ افغان عوام جي مرضي جي حڪومت هجڻ گهرجي، پاڪستان افغانستان ۾ امن جي بحالي جو خواهشمند آهي ۽ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن استنبول ۾ ٽي آر ٽي جي پروگرام ”اسٽريٽ ٽاڪ“ ۾ هڪ انٽرويو دوران ڪيو. هن چ??و ته اسان کي به اهڙي طرح خاطري ڪرائي وڃي جهڙي طرح چين ۽ آمريڪا کي ڪرائي وئي آهي ته افغان حدون ڪڏهن به ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿينديون. اها ڳالهه صد?? پروگرام جي ميزبان پاران طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ دهشتگرد گروپن جي ٻيهر فعال ٿيڻ ۽ افغانستان ۾ نئين حڪومت سان ڪنهن شرط بابت پاڪستان جي موقف جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چئي. هن چ??و ته طالبان چين ۽ آمريڪا کي خاطري ڪرائي هئي ۽ پاڪستان لاءِ به اها ئي اميد آهي، انهي اصول تي مون کي اميد آهي ته افغانستان جي نئين حڪومت پاڪستان سان به اهڙي طرح جو طرز عمل اختيار ڪندي. هن چ??و ته گڏيل قومن جي منشور ۾ مقرر ڪيل عالمي قدرن ۾ به انهي رويي جي حمايت ڪئي وئي آهي. دهشتگردن جي روڪٿام بابت هن چ??و ته پاڪستان افغانستان جي سرحد تي خاردار تار لڳائي آهي، طالبان کي افغان عوام جو حقيقي نمائنده تسليم ڪرڻ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ صد?? چ??و ته حڪومت ٻين ملڪن جي مشاورت سان ڪو به فيصلو ڪندي، پهرين اسان کي ان پيدا ٿيندڙ ص??رت??ال جو جائزو وٺڻو آهي. طالبان جو پاڪستان جي اعتماد جوڳي هجڻ بابت سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته افغانستان ۾ جيڪا به حڪومت اقتدار ۾ هجي اسان ان تي اعتماد ڪريون ٿا ڇو ته پاڙيسري جي حيثيت سان امن يقيني بڻائڻو آهي. هن افغانستان مان آمريڪا جي نڪرڻ کي جلد بازي قرار ڏيندي چ??و ته پاڪستان سدائين آمريڪا کي چ??و ته جنگ نه پر ڳالهيون ئي بهترين حل آهي، هن افسوس جو اظهار ڪ??و ته ويٽنام جنگ يا افغانستان ۾ سوويت مداخلت کانپوءِ پيدا ٿيندڙ انساني ص??رت??ال جي نتيجي کي وساريو ويو. صد?? چ??و ته افغانستان جي ص??رت??ال جي لاءِ پاڪستان کي ذميدار بڻائڻ فيشن بڻجي چڪو آهي تنهن هوندي به هن واضح ڪ??و ته افغانستان ۾ جيڪا ص??رت??ال پيدا ٿي اها دنيا جي سامهون آهي، آمريڪا افغانستان ۾ 20 سال قيام دوران 2 کرب ڊالر خرچ ڪيا آهن ۽ ترقي لاءِ سوين ارب سيڙپڪاري ڪئي آهي. هن چ??و ته بليم گيم ۽ قرباني جو ٻڪرو تلاش ڪرڻ آسان آهي، جنگ سٽيل ملڪ ۾ استحڪام جي حوالي سان پاڪستان جي ڪردار بابت صد?? چ??و ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جي بحالي جو خواهشمند آهي ۽ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چ??و ته افغانستان ۾ چئن ڏهاڪن کان جاري تڪرار سبب افغانستان کانپوءِ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ نقصان کنيو آهي. افغانستان ۾ امن جي بحالي کانپوءِ پاڪستان ڪاميابي حاصل ڪندڙ وڏو ملڪ هوندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته مسئلا تيزي سان حل ڪيا ويندا، هن چ??و ته پاڪستان 40 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي، ان قدم کي افغان عوام کي خيرخواهي جي جذبي طور ياد رکڻ گهرجي. هن چ??و ته پاڪستان خطي ۾ ترقياتي ايجنڊا تي عملدرآمد لاءِ چين، روس، ترڪي ۽ آمريڪا سان رابطي ۾ آهي، هن چ??و ته ڀارت سازشي جو ڪردار ادا ڪر رهيو آهي ۽ ان کي پاڪستان جي خلاف ڪنهن ٻئي ملڪ جي سرزمين استعمال نه ڪرڻ گهرجي. هن ترڪي سان ٻطرفي دفاعي تعاون تي اعتماد جو اظهار ڪ??و تنهن هوندي به صلاحيتن مان فائدي لاءِ معاشي لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافي تي زور ڏنو، هن ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي بابت پاڪستان جي قدمن تي ترڪي پاران اڻٽر حمايت جو به ذڪر ڪيو جتي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون جاري آهن.