ڪراچي – 28 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آه?? ته ٽيڪسيشن جو نظام منصفاڻو هجڻ گهرجي، وفاقي محتسب جهڙن ادارن بابت عوام ۾ آگاهي جي ضرورت آه??، محتسب جا ادارا عوام جا نمائنده آه??، عوام جي لاءِ سوچين ٿا، جڏهن رياست جو ڪردار فلاحي هجي ته عوام خيرات ۽ زڪوات وانگر ٽيڪس ڏيندي فخر محسوس ڪندي. هو ٽيڪس نظام بابت آگاهي سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چي?? ته هڪ سال ۾ سڄي پاڪستان مان ڪم وارين جاين تي عورتن کي هراسان ڪرڻ جي حوالي سان رڳو 100 شڪايتون مليون، ان جو بنيادي سبب عوام کي آگاهي نه هجڻ آه??، آئون جڏهن صدر بڻيس ته مون کي ان وقت وفاقي محتسب جي اداري جي ڪم جي حوالي سان آگاهي ملي. هن چي?? ته وفاقي محتسب ۾ شڪايتن سان ماڻهو پاڻ گهٻرائين ٿا جڏهن ته وفاقي محتسب جو ادارو سرڪاري ادارن بابت شڪايتن جو ازالو ڪري ٿو. هن چي?? ته جيڪڏهن وفاقي محتسب جي سٺن فيصلن جون خبرون ڇپيون ته ان سان به عوام ۾ آگاهي ايندي، اسان جي ملڪ جي بدقسمتي آه?? ته هتي اڳ ۾ غلط رستو ڏيکارڻ ۽ ان مان نڪرڻ جي لاءِ به پئسو ورتو وڃي ٿو، اسان کي انهن رستي ڏيکاريندڙن کي پڪڙڻو آه??. هن چي?? ته ٽيڪس جي ادارن سان جيڪو ڳالهه ٻولهه جو عمل شروع ٿيو آه?? اهو سٺو قدم آه??، وفاقي بجيٽ کان اڳ يا پوءِ جڏهن واپارين سان ملاقات ٿئي ٿي ته اهي چون ٿا ته اسان ٽيڪس ڏيڻ چاهيون ٿا جڏهن ته ان عمل کي آسان بڻايو وڃي. هن چي?? ته اهو مطالبو جائز آه?? ته گهٽ ٽيڪس هن??ا وڃن پر اهو صحيح نه آه?? ته اسان اهو چئون ته ٽيڪس نه هنيو وڃي، ٽيڪس جو نظام اسلام جي شروعاتي دور کان هلندو پيو اچي، فلاحي ٽيڪس ۽ زڪوات ٻه جدا جدا شعبا هئا، ڀارت جي سمورن بادشاهن جي دورن ۾ به ٽيڪس جو نظام لاڳو رهيو. صدر چي?? ته معيشت کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ سان آسانيون ٿي سگهن ٿيون، اسان کي آسانيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ ٽولز استعمال ڪرڻا پوندا، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح 10 سيڪڙو آه?? جيڪا انتهائي گهٽ آه?? ان جو هڪ بنيادي سبب اعتماد جي کوٽ آه?? ڇو ته جيڪڏهن رياست يا حڪومت بدعنوان هجي ته اعتماد نه ٿو رهي. صدر چي?? ته جيڪڏهن اهو تاثر هجي ته ٽيڪس ذريعي اصل آمدني رياست انصاف سان خرچ ڪندي ته ماڻهو ٽيڪس ڏيندا، اسان پنهنجي دور ۾ ڪفايت شعاري اختيار ڪئي، آئون پنهنجو کايان ٿو ۽ ڪئمپ آفيس ڪراچي ۾ به پنهنجو خرچ ڪندو آه??ان. هن چي?? ته مديني جي رياست جي ڪاميابي جو بنيادي سبب اهو هو ته هتي حضرت عائشه رضه وٽ ڏينهن جو 5 لک آيا ۽ رات جو ان وٽ کائڻ جي لاءِ هڪ ماني هئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته صدر جو عهدو سنڀاليندي ٽي سال ٿيڻ وارا آه?? جڏهن ته ڪو فائيل هڪ ڏينهن کان وڌيڪ منهنجي ميز تي نه ٿو رهي ڇو ته مون وٽ ايندڙ فائيلن تي تمام گهڻو ڪم ٿي چڪو هوندو آه??. هن چي?? ته وفاقي محتسب پاران 50 ڏينهن ۾ فيصلي جو قدم اهم آه?? جڏهن 10، 10 سال فيصلن ۾ لڳن ته ان تي ڏنڊ ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چي?? ته آئون به ٽيڪس آگاهي جي لاءِ جتي موقعو مليو ڳالهه ڪندو آه??ان. وفاقي محتسب ريليف فراهم ڪرڻ جو هڪ فورم آه??، محتسب جا ادارا عوام جا نمائندا آه??، اهي عوام جي لاءِ سوچين ٿا. هن چي?? ته ٽيڪس ڏيندڙن سان وڌ کان وڌ تعلق ٺاهڻ جي ضرورت آه??، عوام جي خدمت رياست جو ڪم آه??. هن چي?? ته جيڪڏهن ڪير سٺو ڪمائي ٿو ته جن وٽ وسيلا نه آه?? انهن تي لڳائڻ جي لاءِ اهو ٽيڪس ڏي، ميرٽ جي بنياد تي ٻين کي رستو ڏيڻ ٽيڪس جو تصور آه??. هن چي?? ته اسرندڙ ملڪن م??ن 100 سالن کان سرمايو ڦري ترقي يافته ملڪن ۾ کڻي وڃڻ جو سلسلو لاڳو هو، هاڻي دنيا ۾ ان جي روڪٿام جي سوچ وڌي رهي آه??. هن چي?? ته جهڙي طرح اسان خيرات ڪرڻ تي فخر ڪريون ٿا جيڪڏهن رياست جو ڪردار فلاحي هجي ته اهڙي طرح اسان ٽيڪس ادا ڪرڻ تي به فخر ڪنداسين.