ڪراچي – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سام??نڊ?? آلودگي ۾ گهٽتائي بحري شعبي جي پائيدار?? لاءِ ضروري آهي ۽ پاڪستان ان حوالي سان موثر ڪوششون ڪري رهيو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن ورلڊ ميري ٽائيم ڊي جي موقعي تي منعقد سيمينار کي اسلام آباد مان وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو اهتمام ميري ٽائيم معاملن جي وزارت مقامي هوٽل ۾ ڪيو هو، صدر چيو ته پاڪستان سام??نڊ?? وسيلن سان مالا مال آهي ان جون بندرگاهون ۽ شپ يارڊ قومي معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهي وڏو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.
صدر چيو ته بحري معاملن وارو وفاقي وزي?? سيد علي حيدر زيدي پاڪستان جي سام??نڊ?? حدن ۽ ساحلي علائقن مان آلودگي جي خاتم?? لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آه?? جنهن جي ڪري ماهيگيري جي شعبي ۾ بهتري اچي رهي آهي.
ان موقعي تي سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل خطاب ڪندي چيو ته ميري ٽائيم جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع امڪان آهن پر بدقسمتي سان سيڙپڪار ان شعبي ۾ سيڙپڪار?? لاءِ متوجهه نه آهن.
وفاقي وزي?? سيد علي حيدر زيدي چيو ته ڪيترائي شعبا بليو اڪانومي سان ڳنڍيل آهن، اسان ماهيگرن جي ترق?? لاءِ هڪ ڪامياب ماهيگير پروگرام شروع ڪيو آهي، انهن کي آسان قس??ن ۾ قرض فراهم ڪرڻ گهرجي.