اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو آهي ته مختلف عالمي مالياتي ادارن وانگر ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران به پاڪستاني معيشت ۾ بهتري جي اڳڀرائي خوش آ??ند?? آهي، اي ڊي پي، سماجي تحفظ، اداره جاتي سڌارن سان معاشي گروٿ، پاڪستان ۾ روانگي واپار ۾ اضافي ۽ مينيوفيڪچرنگ شعبي جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري جي تصديق ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئِيٽ ۾ مملڪتي وزير ??يو ته اي ڊي پي ڪورونا وائرس جي حملن دوران پاڪستان جي ڪامياب حڪمت عملي جو اعتراف ڪيو آهي، هن ??يو ته اسان جي مخالف ڌر شروع ئي پورو ملڪ بند ڪرڻ جو چوندي رهي پر وزيراعظم عم??ان خان ڏهاڙيدار طبقي جي مفاد ۽ معيشت جو ڦيٿو روان دوان رکڻ لاءِ بهترين حڪمت عملي اختيار ڪندي زندگين ۽ روزگار کي محفوظ بڻايو