اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته چونڊن ۾ ڌانڌلي جي لعنت جي خاتمي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ٽيڪنالاجي جو استع??ال مستقل حل آه?? ۽ ان سان چونڊن جي وڃايل ساک ٻيهر بحال ٿيندي، اسان جي ملڪ ۾ چونڊن جي ضرورتن موجب روزاني جي بيناد تي 2 هزار کان وڌيڪ اي وي ايم مشينون تيار ڪرڻ جي گنجائش موجود آه??، جيڪي ماڻهو اي وي ايم جي مخالفت ڪري رهيا آه?? انهن کي گهرجي ته چونڊن ۾ فراڊ کي روڪڻ لاءِ ڪا نئين تجويز ڏين. نجي ٽي وي چئنل سان ??ال??ائيندي هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي قيادت ۾ حڪومت اي وي ايم جي معاملن تي هر ڀيري مخالف ڌر کي ??ال??ين جي دع??ت ڏئي چڪا آه??ون پر هنن ڪڏهن به ان معاملي کي سنجيده ناهي ورتو ۽ ناجائز اعتراض اٿاريا. فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ جي سياست جو بيناد صرف احتساب ۽ شفافيت آه??، انهي سلسلي ۾ موجوده حڪومت مستقبل ۾ چونڊن ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي رهي آه??، اي وي ايم جي مخالفت ڪندڙ ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن جي خلاف آه??. هن چيو ته مخالف ڌر قومي يا عالمي ماهرن کي گهرائي اي وي ايم بابت پنهنجا خدشا ختم ڪري اسان کي ڪو به اعتراض نه آه??، اليڪشن ڪميشن اي وي ايم جي خلاف مزاحمت ڪرڻ بدران چونڊ پولنگ جي حق ۾ ڪم ڪري.