اسلام آباد -19 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري ??فاقي وزير پير نور الحق قادري چي?? آهي ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ گهرجي، اسان کي دنيا ۽ آخرت سنوارڻ لاءِ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جي سيرت مبارڪه تي عمل جي ضرورت آهي.
نماز مؤمن جو معراج آهي، اڄوڪي ڏينهن اسان جي پياري ??بي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن سان وفا جي عهد جي تجديد جو ڏينهن آهي، انساني تاريخ م سڀ کان مبارڪ ڏينهن 12 ربيع الاول جو ڏينهن آهي. اهڙو اظهار هن قومي رحمت اللعالمين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چي?? ته قومي رحمت اللعالمين ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪيان ٿو، جن ماڻهن ان حوالي سان ڪوشش ڪئي الله تعاليٰ سندن ڪوششن کي قبول فرمائي.
هن چي?? ته اڄوڪي ڏينهن جي حوالي سان ع??ام?? اقبال فرمايو هو ته ”ڪي محمد سي وفا توني تو هم تيري ??ين، ??ه جهان چيز هي ڪيا، لوهه و قلم تيري ??ين.“ هن چي?? ته وزيراعظم عمران خان طرفان رحمت اللعالمين اٿارٽي قائم ڪرڻ هڪ احسن قدم آهي. هن چي?? ته وزيراعظم اڄ جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو اڄ کان 70 سال پهرين ٿيڻ گهرجي ها. هن چي?? ته اڄ جو نوجوان اسوه حسنه تي عمل پيرا ٿي ڪامياب ٿي سگهي ٿو.