اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??عا??ي ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدمن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃ??، ??عا??ي ترقي جي لاءِ اهم ميڪرو اڪنامڪ انگن اکرن جي استحڪام تي ڀرپور ڌيان آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ جي مجموعي ??عا??ي صورتحال تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير عمر ايوب خان، توانائي واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير سيد فخر امام، منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئ??ڪ جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي ??عا??ي ٽيم پاران عالمي مارڪيٽ ۾ مهانگائي ۽ وڌندڙ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن تي بريفنگ ني وئي جڏهن ته کيس ملڪ جي مجموعي اقتصادي صورتحال تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته حڪومت ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مثالي قدم کنيا، ڪورونا وائرس جي وبا ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ انتهائي تيزي سان اضافي جي باوجود حڪومت قيمتن کي گهٽ رکڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ??عا??ي ترقي جي لاءِ اهم ميڪرو اڪنامڪ انگن اکرن جي استحڪام تي ڀرپور ڌيان ڏنل آهي. هن ??عا??ي ٽيم کي هدايت ڪئي ته عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدمن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃ??.