اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن جي خلاف قانوني ڪارروائي جاري رکڻ جي ??دايت ڪئي آهي. اها هدايت هن ملڪ ۾ ڀاڻ جي ??وجوده ذخيرن ۽ قيمتن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، مخدوم خس??و بختيار، سيد فخر امام، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين کانسواءِ سينيئر آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته وزيراعظم جي گذريل هفتي ذخيره اندوزي جي خلاف قدمن جي ??دايتن کانپوءِ ڀاڻ جي ??ي ٻوري جي ??ڪري جي ??يمت ۾ سراسري 400 رپين جي گهٽتائي آئي آهي. وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته ڀاڻ جي سپلائي کي مانيٽر ڪرڻ جي ??اءِ آن لائين پورٽل ٺاهيو ويو آهي جنهن سان صوبا ۽ سموري ضلعي انتظاميا ڀاڻ جي چرپر ۽ اسٽاڪ کي مانيٽر ڪري سگهن ٿا. پنجاب جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته 13 نومبر کان هيستائين ڀاڻ جي ذخيره اندوزي کي روڪڻ جي ??اءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. ان ۾ 347 ايف آءِ آر، 244 گرفتاريون، 21111 انسپيڪشنز، 480 گودام سيل ۽ 2.79 ڪروڙ جا ڏنڊ هنيا ويا آهن. ان کانسواءِ هر ضلعي ۾ ڪنٽرول روم ٺاهيا ويا آهن جتي ڀاڻ جي گهٽتائي، ذخيره اندوزي ۽ منافعي بابت شڪايتون داخل ڪرائي سگهجن ٿيون. صوبن جي ??چ ۾ سرحدن تي اسمگلنگ ??وڪڻ جي ??اءِ چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن. ذخيره اندوزي ۽ منافعي خوري جي خلاف لاڳاپيل قانونن ۾ ترميمون ڪيون پيون وڃن جنهن ۾ اطلاع فراهم ڪندڙن کي ضبط ٿيل مال جي حساب سان انعام ڏنو ويندو. وزيراعظم ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن جي خلاف قانوني ڪارروائي جاري رکڻ جي ??دايت ڪئي آهي.