اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، اسلام آباد ?? منعقد او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس کانپوءِ افغان عوام جي حمايت ۾ ٿيندڙ ٻن اهم اڳڀراين جي آجيان ڪري ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل افغانستان کي امداد فراهم ڪرڻ جي قرارداد منظور ڪئي ??هي جنهن ۾ بنيادي ضرورتن جي فراهمي جي حما??ت ڪئي وئي ??هي. هڪ ٻي اڳڀرائي ۾ هن چيو ته آمريڪا امداد جي فراهمي ۾ آساني ل??ءِ طالبان سان ڪاروبار ڪندڙ آمريڪي ۽ گڏيل قومن جي اهلڪارن کي آمريڪي پابندين کان آجو قرار ڏنو ويو آهي.