اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار جي آزادي جي راءِ تي مڪمل يقين رکي ٿي، صحافت ۾ ڪورٽ رپورٽر جو ڪردار تمام اهم آهي، ڪورٽ رپورٽرز ٽيڪينڪل فيلڊ آهي، وڪيلن وانگر صحافين کي به قانون کان آگاهي رکڻي پوندي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد ڏيندي ڪيو. هن ??يو ته غير جانبداراڻي صحافت سان ئي معاشرو صحيح رخ ۾ هلي سگهي ٿو، ??ڪومت فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??يو ته سڀني صحافين کي ايندڙ ڏينهن ۾ حڪومت پاران صحت ڪارڊ جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، ان موقعي تي چوڌري فواد حسين ايڪسپريس نيوز جي ثاقب بشير ک?? صدر، ??يو نيوز جي ذيشان سيد کي جنرل سيڪريٽري، سينئر نائب صدر رضوان قاضي، انڊپينڊنٽ اردو سان لاڳاپيل مونا خان کي نائب صدر ۽ حسين احمد کي فنانس سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني.