اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ??هي ته فوٽو جرنلسٽ، وڊيو ??رنلسٽ ۽ ڊجيٽل پروڊيوسرز، نيوز ۽ ڪرنٽ افيئرز پروڊيوسرز پوري دنيا ۾ صحافي طور سڃاتا ويندا آهن، صحافين کي وزيراعظم پاران صحت ڪارڊ جي سهولت ??مي?? نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم ۾ به ترجيحي بنيادن تي شامل ڪيو وڃي.
اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات واري وزير ويمن جرنلسٽ ايسوسيئيشن ۽ وڊيو ??رنلسٽس ا??سوسيئيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وزير چيو ??ه خبرن ۽ حاضر دور ۾ ڪم ڪندڙ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي فوٽو ۽ وڊيو ??حافي ۽ پروڊيوسرز کي پوري دنيا ۾ صحافي قرار ڏنو ويندو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ??ه صحافين کي وزيراعظم پاران صحت ڪارڊ جي سهولتن ??مي?? نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم ۾ به ترجيحي بنيادن تي شامل ڪيو وڃي. ان موقعي تي وومن جرنلسٽ ايسوسيئيشن جي جوائنٽ سيڪريٽري حڪومت کان نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جون چونڊون 2022ع اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ذريعي ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ??ه هر سال چونڊن جي شفافيت کي صحافي برادري چئلينج ڪندي آهي جنهن سان اداري جو وقار مجروح ٿيندو آهي، وفد چيو ??ه نيشنل پريس ڪلب جي اميدوارن کي گهرجي ته پنهنجي اثاثن جا گوشوارا جمع ڪرائين ۽ ٽيڪس فائلر ۽ نان فائلر ڊڪليئر ڪن. ويمن جرنلسٽ ايسوسيئيشن مريم نواز ۽ اڳوڻي اطلاعات ۽ نشريات واري وزير پرويز رشيد جي مبينه آڊيو ليڪس جي به ڀرپور مذمت ڪئي ۽ چيو ??ه سندس ا??ا آڊيو ن ليگ جي پارٽي جو اظهار راءِ جي آزادي تي راتاهي جو عملي ثبوت آهي. وومن جرنلسٽ ايسوسيئيشن چيو ??ه مريم نواز جيڪڏهن پنهنجي مرضي سان ن ليگ ميڊيا سيل جي طرز تي پاڪستاني ميڊيا کي هلائڻ چاهي ٿي جيڪا ان جي رياست مخالف بياني جي پاسداري ڪري ته اهو ناممڪن آهي. ان موقعي تي وڊيو ??رنلسٽس ا??سوسيئيشن جو اڳوڻو صدر سيد شاهين گرديزي، وڊيو ??رنلسٽس ا??سوسيئيشن جو فنانس سيڪريٽري محمد جميل اعواڻ، فيصل مسعود خان، سينئر نائب صدر، سينئر ميمبرن عبدالرافع، خالد شاهه، گل خان، ماجد خان به موجود هئا.