هري پور – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هلندڙ سال رڪارڊ ٽيڪس جمع ٿيو آهي، وڌندڙ آبادي لاءِ ر??زگ??ر جا موقعا فراهم ڪرڻ وڏو چئلينج آهي، آءِ ٽي جي شعبي تي ڌيان ڏئي روانگي واپار به وڌائي سگهجي ٿو ۽ ر??زگ??ر جا موقعا به پيدا ڪري سگهجن ٿا، ايندڙ دور ٽيڪنالاجي جو آهي، تعليم جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت پرويز خٽڪ جي دور ۾ زبرست ڪم ڪيو. اسپيشل ٽيڪنالاجي زون جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اهو زبردست منصوبو آهي جيڪو پاڪستان تحريڪ انصاف جي خيبرپختونخوا ۾ صوبائي حڪومت پرويز خٽڪ جي وزارت اعليٰ جي دور ۾ شروع ڪيو هو، اهو ڊاڪٽ?? عطاءُ الرحمان جو منصوبو هو. وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت هيلٿ ڪارڊ به جاري ڪيو هو، وسيلا نه هجڻ جي باوجود سمورن ش??ري?? کي هليٿ انشورنس جي فراهمي تمام وڏو قدم آهي، اسان جي صوبائي حڪومت مقامي حڪومتن جي نظام، ماحوليات ۽ سياحت تي به ڀرپور ڌيان ڏنو آهي،. وزيراعظم چيو ته هري پور ۾ يونيورسٽي جي قيام لاءِ ڊاڪٽ?? عطاءُ الرحمان ٻا??ري?? ملڪ وڃي ڪوششون ڪيون، ان سان ايندڙ نسلا مستفيد ٿيندا. وزيراعظم چيو ته ملڪ تعليمي ادارن ۽ تعليم جي اعليٰ معيار سان ٺهندا آهن، يونيورسٽين مان ملڪ جي مختلف شعبن لاءِ قيادت ميسر ايندي آهي، يورپ پنهنجي بهترين تعليمي ادارن جي ڪري ترقي ڪئي، ماضي جي حڪومتن تعليم جي شعبي ۾ ڪم ناهي ڪيو، ٽن طرح ج?? تعليمي نظام هلي رهيو هو، قوم هڪ نظريي سان وجود ۾ ايندي آهي، اسان پنجين تائين هڪجهڙو نصاب متعارف ڪرايو آهي. وزيراعظم چيو ته مستقبل ٽيڪنالاجي جو آهي، اسپيشل ٽيڪنالاجي زون پورو ايڪو سسٽم آهي، ان سان اسان جي معاشري تي بهترين اثر پوندا. پاڪستان جي وڏي آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، نوجوانن جي تعداد جي لحاظ کان پاڪستان دنيا جو ٻيو وڏو ملڪ آهي ان لاءِ اسان تعليم ۾ جيتري وڌيڪ سيڙپڪاري ڪنداسين ايترو ئي اسان جي ملڪ لاءِ فائديمند آهي، تعليمي ادارن ۾ نوجوانن جيڪي ڪجهه پڙهي ايندا آهن اهو مارڪيٽ جي ضرورت سان هم آهنگ نه آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي ان سان نوجوانن کي ر??زگ??ر جا موقعا ميسر ايندا ڇو ته اسان کي نوجوانن جي وڌندڙ تعداد کي ر??زگ??ر فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو آهي، ان ۾ وڌيڪ اضافي جي اميد آهي، ان شعبي ۾ بي پناهه موقعا موجود آهن، آءِ ٽي جي شعبي تي ڌيان ڏيڻ سان روانگي واپار به وڌندو ۽ ر??زگ??ر جا موقعا به. وزيراعظم خيبرپختونخوا جي حڪومت کي ان منصوبي تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته هن سال رڪارڊ ٽيڪس جمع ٿيو جيئن جيئن روينيو وڌندو تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ وڌيڪ خرچ ڪنداسين، ان موقعي تي خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان، صوبائي وزير عاطف خان، ڊاڪٽ?? عطاءُ الرحمان ۽ ٻيا به موجود هئا، ان کان اڳ وزيراعظم اسپيشل ٽيڪنالاجي زون جو سنگ بنياد رکيو.