اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان رشين فيڊريشن جي صدر ولادي مير پي??ٽن جي دعوت تي سڀاڻي اربع ڏينهن ٻن ??ينهن جي سرڪاري دوري تي روس روانو ٿ??ندو. وزيراعظم سان گڏ ڪابينا ميمبرن سميت اعليٰ سطح جو وفد پڻ گڏ هوندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب وزيراعظم عمران خان روس جي صدر ولادي مير پي??ٽن سان ملاقات ڪندو. پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن جيڪي گڏيل احترام، اعتماد ۽ عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي هڪ جهڙن نظرين جي بنياد تي قائم آهن. ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ ملاقات دوران توانائي جي شعبي ۾ تعاون سميت ??طر??ن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويندو. ٻئي اڳواڻ اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي صورتحال سميت اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پڻ وسيع پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پرڏيهي آفيس موجب وزيراعظم عمران خان جو دورو پاڪستان ۽ روس جي گهڻ رخي ??طر??ن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.