اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان ٻطرفي ڊگهي بنياد ۽ گهڻ رخي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن آمريڪا جي لاءِ پاڪستان جي چونڊيل سفير ??ردار مسعود خان سان ڳالهائيندي چئي جن??ن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، پرڏيهي وزير ??مريڪا ۾ سفير ??ور نامزدگي تي سردار مسعود خان کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان آمريڪا سان گڏوگڏ ٻطرفي وسيع البنياد ۽ گهڻ رخي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ حڪومت جاگرافيائي اقتصادي ترجيحاتي ايجنڊا تي گامزن آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اقتصادي سفارتڪا??ي ??ي ذريعي دنيا جو ڌيان پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪا??ي ??ي ميسر وسيع موقعن طرف ڏياريو وڃي، شاهه محمود قريشي چيو ته اميد آهي ته توهان جهڙا وسيع تجربي جا حامل ۽ مڃيل سفارتڪار جي مقر??ي ??ان پاڪ آمريڪا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا، آمريڪا جي لاءِ نامزد سفير ??ردار مسعود خان پرڏيهي وزير ??و ٿورو ادا ڪندي ان جي هدايتن تي عملدرآمد جي خاطري ڪرائي.