اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين روزاني الاخبار جي چيف ايڊيٽر غلام اڪبر جي لاڏاڻ?? تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪن??ي چيو آهي ته غلام اڪبر صحافت جي شعبي ۾ پنهنجي جدا سڃاڻپ ۽ مقام رکندو هو، الاخبار ۾ سندس ڪالم ”اڄ جي ڳالهه“ جا پڙهندڙ سدائين منتطر رهندا هئا. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.