اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ واپار ۽ گڏيل رابطن ۾ اض??في جي لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان گڏيل قومن، او آءِ سي، اي?? سي او ۽ اي سي او جهڙن علائقائي ۽ عالمي فورمن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقع?? تي قازقستان جي پرڏيهي وزير مختار تلبردي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ان موقع?? تي قازقستان جي پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم سيپٽمبر 2021ع ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (اي?? سي او) سربراهه اجلاس جي موقع?? تي قازقستان جي صدر قاسم جومارٽ توڪايوف سان ملاقات جو ذڪر ڪندي پاڪستان جي ويزن سينٽرل ايشيا پاليسي کي ورجايو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ رابطن ۾ اض??في جي لاءِ تعاون ک?? تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ افغانستان سميت مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قازقستان جي پرڏيهي وزير وزيراعظم عمران خان کي قازقستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ٻطرفي تعاون کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم گڏيل قومن، او آءِ سي، اي?? سي او ۽ اي سي او جهڙن علائقائي ۽ عالمي فورمن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته هو هن سال جي آخر ۾ قازقستان جي صدر جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي.