اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٻاهرئين قوتن جي منشا تي پاڪستان تي رجيم بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن اسان غيرتمند قوم آهيون ته اهو تماشو نه ٿو هلي سگهي، بي اعتمادي جي رٿ آئين جي آ??ٽي??ل 95 تحت پيش ڪئي وڃي ٿي، عمومي حالتن ۾ ا??و جمهوري حق آهي ۽ ان کي تسليم ڪرڻ گهرجي پر هي معاملو بي اعتمادي جو نه آهي، آ??ٽي??ل 5 اي جو آهي، آ??ٽي??ل فائيو اي تحت رياست سان وفاداري هر شهري جو فرض آهي، آ??ٽي??ل فائيو اي تي چيئر کان رولنگ اچڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات ۽ قانون واري وفاقي وزير چيو ته 7 مارچ تي اسان ج?? سفير هڪ آفيشل ميٽنگ ۾ شرڪت ڪري ٿو، ان ۾ ٻئئي ملڪ جا آفيشلز پڻ ويهن ٿا، اسان جي سفير کي ٻڌايو وڃي ٿو ته عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي پئي وڃي، 8 مارچ تي بي اعتمادي رٿ اچي ٿي، اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته پاڪستان سان اسان جي لاڳاپن جو دارومدار بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي تي آ??ي، جيڪڏهن اها بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿئي ٿي ته توهان کي معاف ڪيو ويندو، جيڪڏهن اها ڪامياب نه ٿي ٿئي ته توهان جو ايندڙ رستو تمام سخت هوندو. هن چيو ته بدقسمتي سان ٻاهرئين قوتن جي منشا تي رجيم بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اسان جي ڪجهه اتحادين ۽ پنهنجي 22 ماڻهن جو ضمير به جاڳي وڃي ٿو ۽ معاملا هيستائين پهچي وڃن ٿا. هي معاملو بي اعتمادي جو نه، آ??ٽي??ل 5 اي جو آهي، ڇا 22 ڪروڙ ماڻهن جي رياست ايتري ڪمزور آهي جو ٻاهريون طاقتون ويهي هتي حڪومتون بدلائي ڇڏين؟ ڇا ٻاهرئين ملڪ جي مدد سان پاڪستان ۾ رجيم تبديل ڪري سگهجي ٿي؟ ڇا اها آئين جي آ??ٽي??ل 5 جي خلاف ورزي آ??ي يا نه؟ ڇا پاڪستان جي عوام ڪٺ پتلي آ??ي؟ ڇا اسان پاڪستانين جي ڪا حيثيت نه آهي؟ ڇا اسان غلام آهيون؟ هن چيو ته ليڊر آف اپوزيشن جي بقول اسان ڀڪاري آ??يون، جيڪڏهن اسان غيرتمند قوم آهيون ته اهو تماشو نه ٿو هلي سگهي. چيئر پاران آ??ٽي??ل 5 اي تي رولنگ اچڻ گهرجي.