اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي بيان کي آئين شڪني جي مٿان غنڊا گردي قرار ڏيندي چيو آهي ته آئين جي گهرجن جي ڳالهه عمران صاحب جي سياسي منافقت آهي، اهي ڪئين دوکا ڏئي رهيا آهن؟ پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران ني??زي قومي اسيمبلي ۾ آئين شڪني ۽ غنڊا گردي ڪري جيڪو شرمناڪ تماشو ڪيو، انهي کي پنجاب ۾ ورجايو ويو، هن چيو ته عمران ني??زي ۽ سندس ڪٺ پتلين جي رويي جي ڪري عدالتن ??ا دروازا آڌي رات جو کوليا ويا، رات جي انڌاري ۾ چورن وانگر هنن آئين ۽ پارليامينٽ تي راتاهو هنيو ته رات جو عدالت لڳي. هن چيو ته عمران ني??زي ڏينهن جي روشني ۾ آئين کي پائمال ڪندو آهي ۽ غنڊا گردي ڪندو آهي. وفاقي وزير چيو ته توهين عدالت جا مجرم عدالت کان نوٽيس وٺڻ جون اپيلون ڪهڙي ??نهن سان ڪري رهيا آهن؟ پهرين بوگس چونڊن سان ڏوهاري ڪٺ پتلي عمران ني??زي پاڪستان تي مڙهيو ويو، پوءِ آئين شڪني ڪري ٻٽو آئيني جرم ڪيو. هن چيو ته عمران خان پاڪستان جي عوام جي دولت ڦري، باوقار آئيني عهدي کي فرح گوگي جي ذريعي مال بڻائڻ جو ذريعو بڻايو. عمران ني??زي پنهنجي شيطاني ڪاري ڪردار کي ڏسي جنهن جي تاريخ سدائين ??ذمت ڪندي رهندي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جي حڪم تي آئيني عهدن جي توهين ڪئي وئي، صدر، گورنر، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر سڀني آئين ??ائمال ڪيو.