گوادر – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گوادر ۾ هر گهر کي پيئڻ جو صاف پاڻي مه??ا ڪرڻ ۽ سول?? پينلز جي ذريعي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيني سيڙپڪارن کي ه?? ممڪن تعاون جي خاطير ڪرائيندي منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال کي جامع ڳالهيون ڪرڻ ۽ سمورن مسئلن جي حل لاءِ واضح روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن اهي هدايتون چيني ڪمپنين جي وفد سان مل??قات دوران ڏنيون. وزيراعظم انهن کي گوادر شهر ۾ ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳائي هر گهر کي پيئڻ جو صاف پاڻي مه??ا ڪرڻ ۽ سول?? پينلز جو استعمال ڪ??ي بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن گوادر ايئرپورٽ کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ ۽ گوادر پورٽ کي دنيا جي مصروف ترين ۽ منافعو ڏيندڙ بندرگاهه بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم ان مقصد جي لاءِ چيني سيڙپڪارن کي ه?? ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال کي ان سلسلي ۾ چيني سيڙپڪارن سان جامع ڳالهيون ڪرڻ ۽ سمورن مسئلن جي حل لاءِ واضح روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. مل??قات ۾ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير نوابزاده شاهه زين بگٽي، خاص معاونين طارق فاطمي ۽ فهد حسين کانسواءِ ٻيون اهم سياسي شخصيتون پڻ موجود هيون.