گڏيل قومون -04 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل واري امڪان تي ڳالهين لاءِ ج??ن 2025ع تي عالمي سربراهي اجلاس منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن جي ميزباني سعودي عرب ۽ فرانس گڏيل طور تي ڪندا. ميڊيا رپورٽن مطابق جنرل اسيمبلي ۾ 157 ووٽن جي اڪثريت سان منظور ڪيل ٺهراءَ ۾ عالمي قانون موجب اسرائيل ۽ فلسطين جي مسئلي کي ٻه رياستي حل لاءِ پختي حمايت جو اظهار ڪيو ويو. هن ٺهراءَ تي ووٽنگ ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل حصو نه ورتو جڏهن ته 7 ٻيا ملڪ غير حاضر رهيا. جنرل اسيمبلي پ??ران منظور ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي، ته ٻنهي رياستن کي 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي تسليم ٿيل سرحدن اندر امن ۽ سلامتي سان رهڻ گهرجي. فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون ان اميد جو اظهار ڪيو ته سربراهي اجلاس اسرائيل جي سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندو ۽ واضح ڪندو ته ٻه رياستي حل سمورين ڌرين لاءِ عمل جوڳو آهي. گڏيل قومن ۾ فلسطيني نمائندي رياض منصور چيو ته فلسطين جو سوال شروع کان ئي گڏيل قومن جي ايجنڊا تي رهيو آهي ۽ ان جي ساک ۽ اختيار ۽ عالمي قانون تي ٻڌل آرڊر جي وجود جو سڀ کان اهم امتحان آهي. واضح رهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هڪ ٺهراءَ ذريعي 1947ع ۾ فلسطين کي عرب ۽ يهودي ٻن رياستن ۾ ورهايو هو.