ڊيووس – 19 جنوري (??ي پي پي) پاڪستان ۽ ناروي واپار، سيڙپڪاري ۽ تر??يا??ي تعاون وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته ناروي جي وزيراعظم پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ کنيل قد??ن کي ساراهيو آهي. گذريل ڏينهن عالم?? اقتصادي فورم جي 47 هين اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد نواز شريف ناروي جي پنهنجي هم منصب ارنا سولبرگ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم نواز شريف ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ناروي سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جولائي 2015ع ۾ پنهنجي ناروي جي مثبت دوري، سيپٽمبر 2015ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ساڻس ملاقات جو به نواز شريف حوالو ڏنو.