بيجنگ – 13 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ڪالهه سومر ڏينهن چين جي دوري جي موقعي تي بيجنگ ۾ گيزوبا گروپ جي ??يئرمين سان ملاقات ڪئي. گيزوبا گروپ انرجي ??ائنا جو ذيلي ادارو آهي جيڪو پا??ستان ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جا ڪيترائي منصوبا شروع ڪندڙ چين جي ناليوا??ي ڪمپني آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم شانگلا ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي تي چيئرمين سان تعزيت جو اظهار ڪي?? جنهن ۾ 5 چيني شهري ۽ هڪ پا??ستاني شهري مارجي ويا هئا. هن ان ڪڌي حملي جي ذميوارن کي انصاف جي ??ٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ پا??ستان ۾ چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي جي خاطري جي لاءِ پا??ستان جي پختي عزم جو اظهار ڪي??. پا??ستان جي اقتصادي ترقي ۾ گيزوبا گروپ جي تعاون جو ذڪر ڪندي نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پا??ستان کي ??اب?? تجديد ۽ هائيڊل سيڪٽر ۾ پنهنجي بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي جنهن جي لاءِ گيزوبا گروپ قائداڻو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته سي پيڪ جي فيز 2 تحت پا??ستان چيني سيڙپڪارن کي فراخدلي سان مراعتن جي آڇ ڪئي آهي جنهن کي گيزوبا گروپ پا??ستان ۾ پنهنجي ??اروباري مقصدن کي وڌائڻ جي لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو. گيزوبا گروپ جي ??يئرمين پا??ستان ۾ چيني شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻن تي پا??ستان جا ٿورا مڃيا ۽ ان عزم جو اظهار ڪي?? ته ڪمپني پا??ستان ۾ پنهنجي سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪندي ۽ تعاون جي نئين شعبن ۾ آپريشنز کي وڌيڪ سگهه ڏيندي.