اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف چيو آهي ته ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، سندس دوري دوران ساڻس ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ ٻنهي قومن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پاران ايڪس تي پاڪستان پهچڻ ۽ نور خان ايئربيس تي وزيراعظم شهباز ??ريف ۽ ٻين پاران استقبال جي تصويرن سان گڏ ڪيل پوسٽ جي جواب ۾ کيس مخاطب ڪندي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم شهباز ??ريف چيو ته توهان جي دوري سان امن، خوشحالي ۽ علائقائي ترقي جي اسان جي ع??م کي وڌيڪ سگهه مل??دي. وزيراعظم چيو اچو ته گڏجي پاڪستان ۽ ملائيشيا جو مستقبل روشن ڪريون.