اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو، ڪشميرين جي سفير سان گڏ انهن جو ترجمان ۽ وڪيل پڻ بڻجندس، سلامتي ??ائ??نسل مان ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏياري رهنداسين، خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ ??ائ??ن ڪشميرين سان گڏ رهنداسين. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي جابراڻي ۽ غاصباڻي فوجي چڙهائي جي حوالي سان ڪاري ڏينهن موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن 72 سال اڳ ڀارت پنهنجي فوج ڪشمير ۾ لاٿي، ان وقت جو ڀارتي وزيراعظم جواهر لال نهرو گڏيل قومن ۾ پاڻ اهو مسئلو کڻي ويو، سلامتي ??ائ??نسل فيصلو ڏنو ته ڪشميري پاڪستان يا ڀارت سان گڏ رهڻ جو فيصلو پاڻ ڪن پر ڪشميرين کي اڄ ??ائ??ن اهو حق نه مليو.