اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسبين کي سستي ?? فوري انصاف جي فراهمي لاءِ ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين رسائي وڌائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته موجوده قانون ?? ترميم ڪري محتسب جي اداري کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي، محتسب جا ادارا پنهنجو رڪارڊ ڊجيٽلائيز ڪن ۽ جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال يقيني بڻائين، سستي ?? فوري انصاف جي فراهمي لاءِ وفاقي محتسب جي ڪردار بابت آگاهي لاءِ ميڊيا مهم هلائ?? وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ وفاقي محتسبين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.