لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان پي ٽي آءِ سينٽرل پنجاب جي صدر اعجاز احمد چوڌري ملاقات ڪئي، ملڪي س??اس?? صورتحال سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ڳالهائيندي چيو ته شهباز شريف جي ڪارن ڪرتوتن تان پردو کڄي چڪو آهي، ثابت ٿيو ته منظور پاپڙ واري جي اڪائونٽ کي شهباز شريف پنهنجي ٻه نمبري جي لاءِ استعمال ڪيو، وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي اڳوڻ?? ڪرپشن ج?? ڪري مشڪلاتن ج?? ڌٻڻ ۾ ڦاٿل پنهنجي ملڪ کي به ر??سڪيو ڪري رهي آهي پر مخالف ڌر کي ان سان به پريشاني ٿي آهي، مخالف ڌر جي قسمت ۾ روئڻ لکجي چڪو آهي، عوام انهن ٻهروپن ج?? س??اس?? ڍونگ ۾ نه ايندي، اهي سڀ پنهنجي سياست جي ٻ??ل ٻيڙي کي بچائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، عوام هاڻي باشعور ٿي چڪي آهي، اها ملڪ جو رت چوسيندڙن ج?? افراتفري تي ڌيان نه ڏيندي، انهن ج??ن رڙيون رڳو ڦريل مال کي بچائڻ جي لاءِ آهن، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جي قيادت سدائين ڦرلٽ کي اختيار ڪيو ۽ ملڪ کي نقصان پهچايو آهي.