مظفر آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي لاءِ آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر مظفر آباد پهتو ۽ ريلي جي قيادت ڪئي. ريلي ۾ آزاد ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان، آزاد ڪشمير جي و??ير??عظم راجا فاروق حيدر، ڪشمير بابت پا??لياماني ڪميٽي جي چ??ئر??ين شهريار ??فريدي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، ڪشمير معاملن واري وزير علي امين گنڊاپور، پا??لياماني سيڪريٽري ثوبيه ڪمال، آزاد ڪشمير جي وزيرن، قانونساز اسيمبلي ميمبرن، حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ جي اڳواڻن ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي و??ير??عظم ڀارتي ظلمن جي خلاف شيهي جي ديوار ??ڻيل ڪشميرين جي حريت جي جذبي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ۽ شهيدن جي ياد ۾ ٺاهيل مزاحمتي وال جو افتتاح ڪيو. کيس هتي ان حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڪشمير جي شهيدن جي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي. ان کان اڳ و??ير??عظم عمران خان جي مظفرآباد اچڻ تي هيلي پيڊ تي و??ير??عظم راجا فاروق حيدر ۽ صدر سردار مسعود خان سندس استقبال ڪيو.