اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسرائيل کي ڪنهن به صورت ۾ تسليم نٿا ڪري سگهون، مون کي ان ڳالهه جي ضمير اجازت نه ڏيندو جيڪڏهن اسرائيل کي تسليم ڪيوسين ته ??وءِ ڪشمير معاملي تي مودي جي به ڳالهه مڃڻي پوندي، ڪراچي ۾ بنڊل آئي لينڊ تي نئون شهر اڏي رهيا آهيون، ڪراچي جي حوالي سان گهڻو ڪجهه ڪنداسين، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس به ڪيو آهي، ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبا خودمختيار آهن، وڏن شهرن ??ي ميٽرو پوليٽن سٽي ٺاهي اختيار ڏيڻا پوندا، سعودي عرب سان لاڳاپا جيئين جو تئين موجود آهي، سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏنو آهي، پنجاب مان کنڊ کڻي سنڌ ۾ گڏ ڪئي پئي وڃي ڇو ته اتي اسان جي حڪومت نه آهي، جهانگير ترين جو فيصلو ادارا ڪندا، هن منهنجو 8 سال سڀ کان وڌيڪ ساٿ ڏنو پر کنڊ بحران ۾ سندس نالو اچڻ تي مون کي ڏک پهتو، حڪومت جا ٻه سال منهنجي جدوجهد جا سڀ کان مشڪل سال آهن، مخالف ڌر اين آر او وٺڻ لاءِ مون تي تنقيد ڪري ٿي، مخالف ڌر چاهي ٿي ته ??يب کي ختم ڪيو وڃي، مريم نواز پيشي تي اچي ٿي ته ??ٿر هنيا وڃن ٿا، گهڻا پاڻ کي نيسلن منڊيلا سمجهن ٿا، اسان اميراڻي ڪلچر جو خاتمو ڪيو آهي، عثمان بوزدار تي شراب جي لائسنس جو ڪيس ٺاهڻ کل جوڳي ڳالهه آهي، هر هنڌ مافيائون ويٺل آهن، انهن سان مقابلو ڪرڻ منهنجو مشن آهي ڇا به ٿي پوي انهن کي نه ڇڏيندس، شوگر مل ايسوسيئشن وارن واجد ضياءُ ۽ ايف آءِ اي کي ڌمڪي ڏني، اسان ايف آءِ اي ??ي مضبوط ڪري رهيا آهيون، ڪورونا مان بچي نڪرڻ تي به بل گيٽس به پڇي رهيو آهي ته اسان اهو ڪيئن ڪيو هو ان حوالي سان تحقيق ڪرڻ چاهي ٿو، هڪ نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ??نهنجي سڄي زندگي جدوجهد ۾ گذري آهي، آئون جڏهن 9 سالن جو هئس ته ??ون ٽيسٽ ڪرڪيٽر بڻجڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي، منهنجي سڄي سياست وڏي جدوجهد مان گذري آهي، ڇو ته ??ون کي پاڪستان جي سياست جي باري ۾ پتو نه هو ڇو جو آئون ٻاهران آيو هئس ۽ هتي ٻه پارٽي نظام هلندڙ هو، هن چيو ته ??سلسل جدوجهد جي ڪري مون کي لاهن چاڙهن کان خوف ناهي ٿيندو جنهن جي ڪري آئون هر چئلينج جو مقابلو ڪري ويندو آهي، وزيراعظم چ??و ته اصغر خان ۽ اي ڪيو خان وڏا ماڻهو هئا انهن پارٽيون ٺاهيون پر لاهن چاڙهن جي ڪري اهي اڳتي وڌي نه سگهيا، هن چيو ته ??نهنجي ٻن سالن جي حڪومت جو دور سڀ کان مشڪل جدوجهد آهي، وزيراعظم چ??و ته اسان جڏهن اقتدار ۾ آياسين ته ??لڪ ان وقت ڪيترن ئي خسارن ۾ ورتل هو، ڏيوالو نڪرڻ تي هو، ٻاهرين قرضن کي ڏيڻ لاءِ پئسا نه هئا، هڪ هنڌ تباهي نه هئي جو آئون اتي ڌيان ڏيان ها، هتي ته ??ر طرف تباهي هئي، مون کي پي آءِ اي، توانائي جي شعبي ٻين شعبن جو پتو هو، ان لاءِ اسان ڪوششون ورتيون هر ادارو تباهه هو مون کي پهرين ملڪ جو رخ تبديل ڪرڻو هو ۽ ملڪ کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ واري رستي تي وجهي ڇڏيو آهي ۽ اها فلاحي رياست مديني جي رياست آهي، هن چيو ته ??اڻي اسان ٻارن ??ي مديني جي رياست ۽ نبي صه جي زندگي بابت تعليمي نصاب ۾ پڙهائينداسين، هن چ??و ته اڳ ۾ بادشاهت هوندي هئي جنهن ۾ رڳو وڏن ماڻهن جا ٻار تعليم پرائيندا هئا پوءِ جمهوريت آئي ته ??ئسا هيٺ منتقل ٿيڻ شروع ٿيا، پر مديني جي رياست ۾ زڪوات جو نظام شروع ٿيو جنهن ۾ اميرن کان پئسا وٺي غريبن کي ڏيڻ شروع ٿيا هن چ??و ته جيڪڏهن اسان ??ي ملڪ کي فلاحي رياست بڻائڻو آهي ته ??وءِ اسان کي علامه اقبال جي ماڊل طرف وڃڻو پوندو، هن چيو ته ??تي امير ٽيڪس نٿا ڏين، شگر ڪارٽيل سميت ڪيتريون ئي مافيائون آهن، هن چ??و ته اسان احساس پروگرام آندو ۽ ان حوالي سان چين مان گهڻو پرايو جو هن 70 ڪروڙ ماڻهن کي غريب جي لڪير کان ٻاهر آندو.