اسلام آباد – 16 نومبر (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم جيڪڏهن اڳ وانگر ڪورونا کان بچاءُ جي ضابطن تي عمل ڪيو ته ماڻهن سان گڏوگڏ پنهنجي ڪاروبار ۽ معيشت کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين، جيڪڏهن ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪيو ويو ته صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي ٿي سگهي ٿي، گلگت بلتستان ۾ چونڊن کا??پو??ِ ڪورونا تيزي سان پکڙيو آهي، ڪورونا وبا جي ڏس ۾ اسان پنهنجو جل??و ملتوي ڪري رهيا آهيون ۽ سڄي ملڪ ۾ جلسن جلوسن تي پابندي هوندي، فيڪٽرين، دڪانن ۽ ڪاروباري مرڪزن ۾ ڪورونا کان بچاءُ جي ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، اسڪولن ۾ ڪورونا جي صورتحال جو وڌيڪ جائزو وٺي ايندڙ هفتي فيصلو ڪيو ويندو. اهڙن خيالن ??و اظهار هن ڪورونا بابت رابطا ڪميٽي جي اجلاس کا??پو??ِ ميڊيا بريفنگ دوران ڪيو.