اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت معاشري جي محروم طبقن جي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهي آهي، خصوصي ??اڻهن جي بحالي ۽ انهن جي معاشي خودمختياري حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت احساس پروگرام تحت 20 لک خصوصي ??اڻهن کي مالي امداد فراهم ڪندي، ڪامياب جوان پروگرام تحت خصوصي ??اڻهن کي ڪاروبار لاءِ قرض فراهم ڪيا پيا وڃن، حڪومت ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار لاءِ خصوصي ??اڻهن کي قرض فراهم ڪري رهي آهي پر آگاهي نه هجڻ جي ڪري انهن قرضن سان خصوصي ??اڻهن جو وڏو انگ فائدو نه کڻي رهيو آهي، ميڊيا خصوصي ??اڻهن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهي پيدا ڪري ۽ معاشري ۾ خصوصي ??اڻهن بابت تعصب جو ازالو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ خصوصي ??اڻهن ۾ خصوصي ??هيل چيئرز ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.