اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڻ سڌي ٽيڪس جو بار سڀ کان وڌيڪ ??ري?? طبقن تي پوندو آهي، اڻ سڌي ٽيڪس جو بار گهٽ ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي، ??ري?? ۽ وچولي طبقي کي رليف ف??اهم ڪرڻ جي لاءِ معاشي ٽيم کائڻ پيئڻ جي درآمدي شين تي لا??و ٽيڪسن ۾ به گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪري. سومر ڏينهن اهڙن خيالن جو اظه??ر هن هتي حڪومتي معاشي ٽيم جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بنيادي ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ عام ماڻهن کي رليف ف??اهم ڪرڻ جي حوالي سان امڪاني قدمن تي غور ڪيو وي??. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اسد عمر، مخدوم خسرو بختيار، صلاحڪارن عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عشرت حسين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، نديم بابر، تابش گوهر ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.