اسلام آباد – 11 فيبروري (??ي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چين جي نئين قمري سال ??ي آغاز جي موقعي تي چين جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان دوستي جي مضبوط رشتي ۾ ڳنڍيل آهن?? پاڪستان ۽ چين دوست آهن ۽ رهندا، اسان زراعت، ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ چين جي تجربن مان سکڻ چاهيون ٿا. هو هتي چين جي نئين قمري سال ??ي آغاز جي حوالي سان منعقد تقريب ۾ خاص ??هم??ن جي حيثيت سان خطاب ڪري رهيو هو. تقريب کي پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان، اوورسيز ڪميونٽي جي صدر نعمت ال??ه جان ۽ جنرل سيڪريٽري شوڪت علي به خطاب ڪيو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان ۽ چين مضبوط رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، چين پنهنجي قيام سان ئي پاڪستان سان لاڳاپا قائم ڪيا ۽ اهي لاڳاپا مضبوط کان مضبوط ٿيندا ويا، هن چيو ته اسان کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته چين جي عوام ۽ متحرڪ قيادت پنهنجي محنت جي زور تي ترقي حاصل ڪئي?? پاڪستان کي جڏهن به مشڪل وقت پيش آيو چين سدائين ساٿ ڏنو