اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين چونڊجڻ تي س??نيٽر صادق سنجراڻي ۽ مرزا محمد آفريدي کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته کيس خوشي آهي ته بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا مان انهن ٻن عهدن تي چونڊ ملڪ جي انهن علائقن کي جيڪي پٺتي پيل آهن يا ماضي ۾ ترقي ۾ پٺتي رهجي ويا هئا ??ومي ڌارا ۾ آڻڻ جي س??دس پاليسي م??جب آهي.