اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪ جي بدانتظامي جي خلاف شڪايت تي بينڪ??گ محتسب پاران مناسب ڪارروائي نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي معاملي تي قانون ۽ انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا و??گ موجب لاهور جي رهوا??ي عورت روبي انوار حبيب بئنڪ ۾ پنهنجي اڪائونٽ مان 140000 روپين جي رقم بنا اجازت منتقل ڪرڻ ۽ بئنڪ جي بدانتظامي تي ڪا به ڪارروائي نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي، هن بئنڪ??گ محتسب کي پنهنجي شڪايت ۾ ٻڌايو ته لاڳاپيل بئنڪ جي سامهون ان بدانتظامي جو معاملو اٿاريو ويو پر کيس ڪو به رليف نه ڏنو ويو. بئنڪ??گ محتسب مناسب جاچ کانسواءِ ۽ شڪايت ڪندڙ کي ??ڌڻ کانسواءِ ڪيس بند ڪري ڇڏيو جنهن تي شڪايت ڪندڙ بئنڪ??گ محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي.