مظفر آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو ٻنهي ملڪن جي خوشحالي خاطر پاڪ??تا?? طرف پنهنجو ظالماڻو ۽ هٺ ڌرمي تي ٻڌل رويو ترڪ ڪري ڇڏي، هر سازش کانپوءِ پاڪ??تا?? پهرين کان وڌيڪ مضبوط بڻجي اڀرندو، ڀارت پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان حل طلب تڪرارن جي حل بدران ڇڪتاڻ جاري رکي ته ان سان غربت ۽ پسماندگي جهڙن ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي سگ??ي ٿو، جيڪڏهن ڀارت اهو سمج??ي ٿو ته هو پاڪ??تا?? کي دٻاءُ ۾ آڻي سگ??ي ٿو ته هو تمام وڏي غلطي فهمي ۾ مبتلا آهي، ڪشمير تي اسان جو موقف تبديل نه ٿيندو، پاڪ??تا?? ڀارت سان ان وقت تائين ڳالهيون نه ڪندو جيستائين هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت بحال نٿو ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن استحصال ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي گادي واري شهر مظفرآباد مهاجر ڪيمپ ٺوٺا ۾ پناهگيرن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو صدر سردار مسعود خان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم سردار عبدالقيوم خان نيازي، وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، پارلياماني سيڪريٽري ثوبيه ڪمال به خطاب ڪيو جڏهن ته قومي اسيمبلي ميمبرن ڊاڪٽر نوشين، رخسانه نويد، ظل هما، غزاله سيفي، آزاد ڪشمير جو چيف سيڪريٽري شڪيل قادر خان، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو فياض علي عباسي، اطلاعات وارو سيڪريٽري مدحت شهزاد، آءِ جي پوليس سهيل حبيب تاجڪ ۽ ٻيا به موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪ??تا??ي عوم جون دليون ڪشمير سان گڏ ڌڙڪن ٿيون، جيستائين ڪشمير آزاد نه ٿيندو تيستائين اسان سک سان نه ويهنداسين. ڪشميرين جي جدوجهد دهشتگردي نه پر آزاد ۽ عوامي راءِ حاصل ڪرڻ جي جدوجهد آهي، گڏيل قومن به غاصب ۽ ظالم جي خلاف آزادي جي تحريڪن جي اجازت ڏي ٿو. پاڪ??تا?? جي ڪوشش آهي ته امن جي ذريعي ڪشمير مسئلي جو حل ٿئي جڏهن ته هند??تا?? جنگ جي ڪوشش ڪندو آهي پر ان کي خ??رد??ر ڪريون ٿا ته ايئن سوچي به نه، بالاڪوٽ وارو واقعو سڀني کي ياد آهي، هن چيو ته هند??تا?? پنهنجي تاريخ مٽائي ڪوڙ تي ٻڌل تاريخ لکڻ چا??ي ٿو پر تاريخ ڪڏهن به ناهي مٽجندي، هند??تا?? جي غلط فهمي آهي ته ڪشميري ڪمزور ٿي ويندا، آزادي جو جذبو دلين ۾ هوندو آهي ۽ اهو جذبو صدين تائين ختم نٿو ٿي سگهي. صدر چيو ته پاڪ??تا?? طاقت کي مسئلي جو حل نٿو سمجهي پر ان جي باوجود پاڪ??تا?? تي ٽي جنگيون مڙهيون ويون، هند??تا?? ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا جي ذريعي پاڪ??تا?? کي بدنام ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو آهي، هو جيڪو مرضي ڪري وٺي ڪشميرين جي جذبي کي ختم نٿو ڪير سگهي، ان ۾ ايتري جرئت نه آهي جو اسان جو مقابلو ڪري سگهي، هن چيو ته ڀارت جي حڪومت جو تعصب آر ايس ايس ۽ هندو توا جي عڪاسي ڪري ٿو ڀارت والاريل ڪشمير جي ڊيمو گرافي تبديل ڪري رهي آهي ته جئين هو اتي هندوئن جي اڪثريت ثابت ڪري سگهي. صدر چيو ته ڪشميرين جي سفير عمران خان دنيا کي هند??تا?? جي اصليت ڏيکاري آهي، ڪشميرين جي جدوجهد 1947ع کان به پهرين جي آهي، 1989ع کانپوءِ هڪ لک کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن، 20 هزار ڪشميري عورتون بيواهه ٿيون، هڪ لک 8 هزار ڪشميري ٻار يتيم ٿيا، 12 هزار ڪشميري مائرن ڀينرن جي عزت لٽي وئي، هن چيو ته پاڪ??تا??ي فوج دنيا جي ڪامياب ترين فوج آهي، پاڪ فوج جنهن انداز سان ان خطي ۾ امن لاءِ ڪوششون ڪيون آهن اهڙا مثال نٿا ملن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جڏهن پاڪ??تا?? ٺهيو ته ان وقت طئي ڪيو ويو ته مسلم اڪثريتي علائقا پاڪ??تا?? جڏهن ته هندو اڪثريتي علائقا هند??تا?? ۾ شامل ٿيندا، ان وقت ڪشمير جي خلاف سازش ڪئي وئي ته ڪشميرين پنهنجي خودمختياري واري حق لاءِ جهاد شروع ڪيو ته هندد??تا?? گڏيل قومن ۾ هليو ويو ۽ گڏيل قومن ۾ هند??تا?? جي ان وقت دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي تسليم ڪيو پر ان جي نيت خراب هئي، هن چيو ته عمران خان ۽ پاڪ??تا?? تحريڪ انصاف جو خواب هو ته ڪشمير جو مسئلو حل ٿئي، اسان امن چاهيون ٿا جنهن کي غلط سمجهيو ويو. هن چيو ته هند??تا?? پنهنجي قوم سان ڪوڙ ڳالهائي ۽ بيوقوف بڻائي دوکو ڏيندو آهي، هند??تا?? جا قدم آر ايس ايس ۽ هندو توا جي 100 سال پراڻي ڪهاڻي ??ا عڪاس آهن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جيستائين ڪشمير جو مسئلو حل نٿو ٿئي تيستائين ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهيون.