اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪي??ل جي ڊجيٽلائيزيشن حڪومت جو وڏو پاليسي فيصلو آهي، ڪي??ل جي ڊجيٽلائيزيشن کانپوءِ چئنل جي ريٽنگ ۾ شفافيت ٿيندي، ڪيبل آپريٽرز کي ڪامياب جوان ??روگرام تحت قرض فراهم ڪيا ويندا جنهن سان ڪيبل آپريٽيرز کي ڊجيٽل باڪس خريد ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ اها رقم اهي پنهنجي صارفين کان ??صول ڪري واپس ڪري سگهندا. اها ڳالهه هن هتي ڪيبل آپريٽرز اي??وس??ئيشن آف پاڪستان جي چيئرمين خالد آرائين سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ 4026 ڪيبل آپريٽرز موجود آهن، اسان جو مقصد ڪيبل آپريٽرز کي جد??د دور جي گهرجن سان ??م آهنگ ڪندي عوام کي ڊجيٽل ڪي??ل جي فراهمي ممڪن بڻائڻ آهي، هن چيو ته حڪومت ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قيام لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ڪيبل آپريٽرز اسٽيڪ هولڊرز طور تي اٿارٽي جي قيام جي حوالي سان ??نهنجون تجوي??ون ڏين، اطلاعات واري وفاقي وزير پيمرا چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو ڪيبل آپريٽرز سان ??لاقات ڪري ڪي??ل جي ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي سان ??عاملن کي حتمي شڪل ڏي.