لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير عث??ان بوزدار کي عوام جي جان ۽ مال ۽ مفادن جي تحفظ جي لاءِ شرپسندن، ذخيرو ڪندڙن ۽ قبضا مافيا جي خلاف موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??ان جاري بيان موجب اها هدايت ??زيراعظم پنجاب جي وڏي وزير سردار عث??ان بوزدار سان ڳالهائيندي ڏني ??نه?? هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سول انتظاميه ۽ امن ا??ان بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل ۽ آءِ جي پنجاب رائو سردار علي خان به شريڪ ٿيا. وزيراعظم صوبي ۾ عام ماڻهو کي فو??ي ۽ آسان طريقي سان خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن عوام جي جان ۽ مال ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ شرپسندن، ذخيرو ڪندڙن ۽ قبضي مافيا جي خلاف موثر قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي.