اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ??ه پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي ٿائيلينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊون پرامودونائي سان ملاقات دوران چئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ٿائي لينڊ سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير سياحت جي فروغ لاءِ ٿائيلينڊ جي وسيع تجربي مان فائدو کڻ?? جي ارادي جو اظهار ڪيو. گنڌارا تهذيب ۽ ٻڌمت ورثي جو ذڪر ڪندي پرڏيهي وزير ملڪ ۾ مذهبي سياحت جي فروغ لاءِ پاڪستا?? جي پاليسي جي مقصدن کان ٿائي لينڊ جي پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ مضبوط اقتصادي، واپاري، سياسي ۽ ثقافتي تعاون تي ٻڌل وسيع البنياد لاڳاپا قائم ڪرڻ جي عزم جو اطهار ڪيو. افغانستا?? جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان افغانستان کي معاشي تباهي کان بچائڻ جي لاءِ عالمي کان انساني بنيادن تي افغان عوام جي معاونت جو گهرجائو آهي. ٿائي پرڏيهي وزير افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستا?? جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل جو خواهشمند آهي. پاڪستان سمورن پاڙيسري ملڪن سان خوشگوار لاڳاپن جو خواهشم??د اهي. ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي باقاعده رابطي جي اهميت کي تسليم ڪندي ٻنهي پرڏيهي وزيرن ويجهي ??ابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.