اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف سعودي عرب جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري ورتو. اها ڳالهه پرڏيهي وزارت جي ترجمان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ٻڌائي. وزيراعظم محمد شه??از شريف دوري دوران گذريل رات س??ودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي هئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ جده ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران واپا??ي ۽ ڪاروباري لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ، سيڙپڪاري و??ائ?? ۽ پاڪستاني افرادي قوت لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ جا معاملا بحث هيٺ آيا. سعودي عرب جي دوري دوران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سميت اعليٰ سطح جو وفد وزيراعظم محمد شه??از شريف سان گڏ هو.