اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عالمي اسلامي يونيور??ٽي معياري گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ پنهنجي فزيڪل ۽ آن لائين تعليمي اسٽرڪچر کي وڌيڪ بهتر بڻائي، يونيور??ٽي تعليمي شفٽن کي ٻيڻو ڪري، ان سلسلي ۾ ٽن مهينن اندر تجويز پيش ڪري. ??يو??ن صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي عالمي اسلامي يونيور??ٽي اسلام آباد جي ريڪٽر پاران بريفنگ ڏني وئي، ريڪٽر اسلامي يونيور??ٽي پروفيسر ڊاڪٽر معصوم ياسين زئي تعليمي پروگرامن ۽ نون منصوبن تي بريفنگ ڏني، بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته يونيور??ٽي تعليمي معيار ۾ بهتري لاءِ هڪ نئين اسٽريٽجڪ پلان 2022-26ع جي منظوري ڏني، نئين پ??ان جو مقصد تحقيق ۽ تعاون ۾ اضافو ۽ يونيور??ٽي جي مالي استحڪام کي وڌائڻ آهي، نئين پ??ان سان يونيور??ٽي ڪيمپس ۾ معيار زندگي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، پلان سان گورننس ۾ بهتري ايندي، يونيور??ٽي جي ڊجيٽلائيزيشن ۾ به مدد ملندي، نئون پ??ان ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ۽ ٽيڪنيڪي ماحول کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته يونيور??ٽي شاگردن کي ٽيڪنيڪي هنر سان گڏ تنقيدي سوچ، موثر ڄاڻ، ٽيم ورڪ جهڙي سافٽ مهارتن سان به ليس ڪري يونيور??ٽي پنهنجي سينيٽ ۾ مارڪيٽ کان ماهرن کي شامل ڪري، صدر چيو ته شاگردن کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب هنر سان ليس ڪرڻ لاءِ انڊسٽري سان تعاون جي ضرورت آهي، هنرمند گريجوئيٽس جي وڌندڙ گهرج پوري ڪرڻ لاءِ 2 سالا ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرامن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، صدر ملڪ ۾ معياري تعليم جي فروغ ۾ يونيور??ٽي جي ڪارڪردگي ۽ ڪردار کي ساراهيو.