??سل??م آباد – 24 – اپ??يل (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) دادو ضلعي جي ڳوٺ فيض محمد درياني چانڊيو ۾ باهه جي متاثرين ۾ امدادي چيڪس ورهايا آهن. اين ڊي ايم اي پاران جاري پڌرائي موجب 18 اپ??يل 2022ع سومر جي رات دادو ضلعي جي ڳوٺ ۾ تيز هوائن جي ڪر?? پيش آيل افسوسناڪ باهه جي واقعي ۾ 8 ماڻهو فوت، 3 زخمي جڏهن ته 75 خاند??ن متاثر ٿيا هئا. باهه جي متاثرين جي امداد لاءِ وزيراعظم پاران فوت ٿيندڙن جي پونيئرن سان گڏوگڏ زخمين ۽ ٻين متاثر خاندانن جي لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جي پئڪيج جو اعلان ڪيو ويو هو. واضح رهي ته ڄاڻايل چيڪس اين ڊي ايم ا?? پي ڊي ايم اي سنڌ ۽ ضلعي انتظاميا دادو جي معاونت س??ن متاثر خاندانن ۾ ورهايا آهن.