اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان قطر جي سفير شيخ سعود عبدالرحمان الثاني مل??قات ڪئي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب جاري بيان موجب مل??قات ۾ گڏيل ??لچسپي کانسواءِ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مملڪتي وزير ۽ قطر جي سفير مل??قات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ توانائي، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ويجهو تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.