ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) اقليتن بابت قومي ڪميشن (اين سي ايم) جي ميمبر ۽ پاڪستان هندو فورم جي صدر ڊاڪٽر جي پال ڇابڙيا چيو آهي ته دنيا کي ڀارت تي زور ڏيڻ گهرجي ته هو 5 آگسٽ جي سمورن غيرقانوني، هڪ طرفن قدمن ۽ آبادي ۾ تبديلين کي واپس وٺي جيڪي هن و??لا??يل علائقي ۾ کنيا آهن. اها ڳالهه هن اي پي پي سان ڳالهائيندي چئي. هن وڌيڪ چيو ته عوام 5 آگسٽ کي استحصال ڏهاڙي طور ملهائيندي ته جيئن ان ڏينهن ڀارت جي غيرقانوني طور تي و??لا??يل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي غيرقانوني خا??مي جي خلاف آواز بلند ڪري سگهجي. هن چيو ته 5 آگسٽ تي ع??لمي برادري کي ياد ڏياريو ويندو ته ڪشمير هڪ تڪراري خطو آهي جنهن تي ڀارت سمورن عالمي قانونن کي نظرانداز ڪندي ۽ عوام جي خواهشن جي خلاف قبضو ڪري رکيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت و??لا??يل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۾ ملوث آهي پر ڪشميرين رياستي دهشتگردي جي باوجود مزاحمت جاري رکي آهي. هن چيو ته قابض فوج اڪثريتي مسلم آبادي کي تبديل ڪرڻ جي ??اء?? قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ڀارت جا سمورا ارادا ناڪام ٿيندا ڇو ته 75 سالن کان وڌيڪ عرصي کان جاري دهشتگردي جي وحشياڻي قبضي جي باوجود ڀارت ڪشميرين جي آزادي جي جذبي کي گهٽ نه ڪري سگهيو. هن گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته اها سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين کي خودمختياري جو حق يقيني بڻائي.